سوڀو ڀڳت

سوڀو ڀڳت: سوڀي ڀڳت 1890ع ڌاري اڏيري لعل، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. کيس سريلي آواز سبب تمام گھڻي مقبوليت حاصل هئي. هي هميشه اڪيلي ڀڳت وجھندو هو، هي ٽولي جي سنگت ساڻ نه رکندو هو. ننڍپڻ ۾ ڀڳتي اختيار ڪيائين. پنهنجي وقت جي مشهور ڀڳتن جي صحبت ۾ رهي ڀڳتيءَ جا سڀ مرحلا طئي ڪيائين. مٽياريءَ ۽ حيدرآباد ضلعن جي سڀني فقيرن جي آستانن ۽ درگاهن تي ڳائيندو هو. هن جي صحبت ۾ رهي ٻين ڪيترن ڀڳتيءَ جي سکيا ورتي. هندو توڙي مسلمان بزرگن جي درگاهن تي حاضري ڀريندو هو. سڄيءَ زندگي سادگيءَ سان ڀڳتي رنگ ۾ گذاريائين.
هن 1942ع ۾ ڀڳت وجھندي دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو